برساتن ڳوٺن کي ٻوڙي تباھي مچائي ڇڏي، انتظاميه  غائب

برساتن ڳوٺن کي ٻوڙي تباھي مچائي ڇڏي، انتظاميه غائب

ٽنڊو غلام حيدر (ن سنڌيار) ٽنڊو غلام حيدر ۾ وسندڙ تيز برساتن شهرن ڳوٺن ۽ علائقن کي ٻوڙي تباھي مچائي ڇڏي انتظاميه مسلسل غائب گهر گهٽيون شهر بازارون برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ رهواسي لڏپلاڻ تي مجبور ٻي طرف ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن مان ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي پيا ڪيترائي مسڪين پورهيت کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل سرندي وارن ۽ ضلعي انتظاميه کان مالي سهائتا جي گهر ان کان علاواه مقامي رهواسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حاليه برساتن سبب وڏو نقصان ۽ تباهي ٿي آهي لاڳاپيل انتظاميه ۽ تڪ جي سياسي نمائيندن کي گهرجي ته ترت سوين برساتي متاثر ڳوٺن جو دورو ڪري جائزو وٺي متاثرن لاء ڪئيمپون قائم ڪري غريبن ۾ راشن ٽينٽ تقسيم ڪرڻ جو بندوبست ڪري ھتان جي رهواسين جي مدد ڪئي وڃي جڏهن ته سنڌ جي ٻين شهرن جيان ٽنڊو غلام حيدر ۾ به مسلسل ڪافي ڏينهن کان جاري تيز طوفاني برسات سبب ننڍن وڏن شھرن جا روڊ رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن، شھر جي مختلف علائقن ۾ ڪافي حد تائين بيٺل جمح برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شھري سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن، ٻئي طرف شديد برساتن سبب مويا؛ ڏندو؛ نظرپور؛ شاهواه؛ متارا؛ ڊوڪيا سميت باقي شهرن جون بازارون به برساتي پاڻي سان ٻڏل ايندڙ ويندڙ رستا روڊ ويران بڻيل ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آھن ، جڏھن ته بجليءَ جو نظام پڻ سخت متاثر ۽ دربرهم ٿي ويو آهي، ٻئي طرف سوين ايڪڙن تي بيٺل سارين جي فصلن کي پڻ وڏو ڪاپاري نقصان پھتو آھي، برسات سبب شھري توڙي ٻھراڙي واري ماڻھن جي زندگي مفلوج ٿي وئي آھي، ڪيترائي شھري علائقا آھن جتان جا ماڻھون برساتي پاڻيءَ سبب گھرن ۾ ئي محدود ٿي ويا آھن، هزارين مسڪين ماروئڙن جي ڪچن گهرن ۾ برساتي پاڻي ڪاهي پيو مذڪوره رهواسي ويتر پريشانين ۾ مبتلا امدادي سرگرميون به ڪٿي نظر نه آيون ۽ نه ئي وري هتان جا سياسي چونڊيل نمائينده ڪٿي نظر اچي سگهيا آھن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو