برساتن سبب دريائن ۾ ٻوڏ واري صورتحال، الرٽ رھڻ جو حڪم

برساتن سبب دريائن ۾ ٻوڏ واري صورتحال، الرٽ رھڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن سبب دريائن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، درياء سنڌ جي صورتحال جائزو وٺڻ لاءِ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس دوران آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف کھیڙو آبپاشي واري وزير کي گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔ اجلاس ۾ ايم ڊي سيڊا پريتَم داس،سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج جا چيف انجنيئرز، سدرن سنڌ ڊرينيج ريجن، پي ڊي ٿر ڪول واٽر ورڪس پروجيڪٽ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن پڻ آن لائين شرڪت ڪئي۔اجلاس ۾ صوبائي ايريگيشن ۽ ڊرينيج ريجنز جي منصوبن بابت معاملا به زيرِ غور آيا۔ آبپاشي واري وزير آفيسرن ۽ عملي کي هدايت ڪئي ته دريائن جي پشتن کي مضبوط بڻايو وڃي ۽ انهن جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي۔ ڄام خان شورو وڌيڪ هدايت ڪئي ته بئراجن ۽ بندن تي سڀني آفيسرن ۽ عملي جون ڊيوٽيون لاڳايون ويون آھن ۽ عملي کي هر وقت الرٽ رکيو پيو وڃي۔ هن عوام کي به هدايت ڪئي ته هو دريائن ۽ برساتي نالن جي ويجهو اچ وڃ کان پاسو ڪن۔

پهنجو تبصرو موڪليو