برساتن جي تباھڪارين جي ڪري لکين سنڌي گهرن کان بي گهر ٿي ويا:رياض

برساتن جي تباھڪارين جي ڪري لکين سنڌي گهرن کان بي گهر ٿي ويا:رياض

ٽنڊو محمد خان (ن س)جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته يونيسيف سنڌ ۾ برساتن ٻوڏ جي تباھڪارين کانپوءِ 75 لک انساني حياتين جي بيٺل پاڻي ۾ سردي اچڻ تي فوتگين جو انديشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ، اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان ۾ ميٽ دي پريس کي مخاطب ڪندي ڪيو ، هن چيو ته سنڌ ۾ برساتن جي تباھڪارين جي ڪري لکين سنڌي پنهنجي گهرن کان بي گهر ٿي ويا آهن ، سنڌ جي خيرپور ناٿن شاھ ۾ بيٺل پاڻي جي ڪري هر روز فوتگيون ٿي رهيون آهن پر سنڌ سرڪار ان جو ڪو به نوٽيس وٺي نه سگهي آهي ، اقوام متحده سان گڏ دنيا جي عالمي ملڪن جي مليل امداد مان سنڌ کي ڇا ملي سگهيو آهي ، ان جو به ڪو به حساب ڪتاب ظاهر ٿي نه سگهيو آهي ، سنڌ حڪومت بيروني امداد ملڻ يا نه ملڻ بابت ڪا به حمتي رپورٽ اڃان تائين ظاهر نه ڪئي آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي خدشا پيدا ٿي رهيا آهن ، بيروني ملڪن جي امداد ڪٿي ڏني ويئي آهي ان جا ڪهڙا انگ اکر آهن ، اربين روپين جي مليل امداد مان سنڌ کي ڇا ملي سگهيو آهي سنڌ جو برسات ۽ دريائي ٻوڏ جو متاثر عوام پنهنجي گهرن کان محروم ٿي اڃان تائين پيٽ بکيو انگ اگهاڙو امداد جي آسري ۾ هاڻي سردي جي شروع ٿيڻ ۾ حياتيون وڃائي رهيو آهي ، سنڌ کي نقصان جو مليل ازالو ڪيئن ادا ٿي سگهي ٿو ، ان لاءِ سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ، سنڌ کي ڪرپشن جي نالي ۾ حڪمرانن لٽيو ۽ ڦريو آهي ، سنڌ جي اندر امدادي سامان راشن ٽينٽ وڪرو ٿي رهيا آهن ، عدالتي ڇاپن ۾ بااثر ايم پي ايز ، ايم اين ايز ۽ حڪمران پارٽي جا جيالا ظاهر ٿي رهيا آهن پر سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي ، سنڌ جي اندر ڪوڙا ڊوميسائيل ٺهڻ جا انڪشاف ٿي رهيا آهن ، سنڌ ۾ افغاني ڀڳوڙا توڙي ٻين صوبن جا اچي سنڌ جا ڊوميسائيل ٺاهي قومي شناختي ڪارڊ لاءِ نادرا جا ڪارڊ وٺي سنڌ جي اندر نوڪرين جي ڪوٽا حاصل ڪري مقامي ماڻهن جو حق غضب ڪري رهيا آهن جنهن جو اعلى اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ، ٽنڊو محمد خان ۾ غيرقانوني طور ماستري جا آرڊر وٺندڙ افغانين ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي مليل نوڪريون ختم ڪيون وڃن ، جيئي سنڌ محاذ طرفان پهرين نومبر کان سڄي سنڌ اندر امدادي فنڊ نه ملڻ ، ڪرپشن ، ڪوڙا ڊوميسائيل ٺاهڻ ۽ افغانين کي سنڌ ۾ قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي خلاف مرحليوار تحريڪ شروع ڪئي ويندي ، انهي موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي اڳواڻ پنهل جمالي ، زاهد جسڪاڻي ، شاهنواز گهراڻو ، قومپرست عوامي اتحاد جي ضلعي صدر محمد جمن ملاح ، جاويد هاليپوٽو ، دودو هاليپوٽو ، محمد سليم ۽ ٻيا شامل هئا .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو