اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)براڊ شيٽ آف انڪوائري ڪميشن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي سوئس ڪيسن وارو معاملو اٿاريو هو. براڊ شيٽ انڪوائري ڪميشن براڊ شيٽ اسڪينڊل جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ وزير اعظم جي آفيس موڪلي ڇڏي آهي. براڊ شيٽ ڪميشن آصف علي زرداري جي سوئس ڪيسن جو معاملو اٿاريو هو۽ قومي احتساب بيورو نيب کي سيل ٿيل رڪارڊ کولڻ جي سفارش ڪئي هئي. ڪميشن چيو ته نيب رڪارڊ کي کولي ۽ ان جو جائزو وٺڻ گهرجي ته ان جو ڇا ڪرڻ گهرجي.رپورٽ ۾ چيو ويو ته سوئس ڪيسن جو رڪارڊ 12 بيگز ۾ پاڪستان کي پهچايو ويو جيڪي نيب اسٽور روم ۾ موجود آهن. انهن مان اهم رڪارڊ غائب آهي، لنڊن هاءِ ڪميشن پاران براڊ شيٽ بدران غلط ماڻهو کي ادا ڪيل رقم جو به رڪارڊ گم آهي، اهم فائيلن جا پنا ڦاٽل آهن.










