برازيل جي اداڪار جو لاش 4 مهينن بعد ملي ويو

برازيل جي اداڪار جو لاش 4 مهينن بعد ملي ويو

براسيله(ويب ڊيسڪ)4 مهينن کان لاپتا برازيل جي اداڪار جيفرسن ماچاڊو جو لاش مليو، جنهن کي ڪاٺ جي صندوق مان دفن ڪيو ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب اداڪار جو لاش برازيل جي شهر ريو ڊي جنيرو ۾ هڪ گهر ٻاهران مليو، جنهن جي تصديق سندس گهرواري به ڪئي.رپورٽن مطابق 44 سالن جي اداڪار جو لاش زنجيرن سان جڙيل، ڪاٺ جي صندوق ۾ بند ڪيو ويو ۽ گهر جي پويان زمين کان 6 فوٽ هيٺ دفن ڪيو ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب اداڪار جي ڳچيءَ تي لڳل نشانن مان اندازو لڳايو پيو وڃي ته کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته لاش جا هٿ به بند ٿيل هئا.پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس اداڪارا جي قتل جي ڪيترن ئي رخن کان جاچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته وارثن به پوليس جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو