باڊھ(ن سنڌيار)سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي سڄي دنيا ۾ 196 ملڪ گھمڻ بعد برازيل کان آيل پرڏيهي شادي شده جوڙو گائين ڪارلو زال ٽاء لائين سان موهن جو دڙو تي پهتو.پرڏيهي جوڙو گرمي کان بچڻ لاء موهن جي دڙي تي ڇَٽل سروس گاڏي تي چڙھي قديمي آثار گهمي ڏٺا جڏھن ته برازيل جو پرڏيهي سياح جوڙو ماڳ جو پرڪشش نشان اسٽوپا گريٿ باٿ ۽ ٻيا تهذيبي آثار دلچسپي سان گهمي ڏٺا.پرڏيهي سياحن کي پرائيويٽ گائيڊ ارشاد علي سولنگي تهذيب جي تاريخي اهميت بابت بريفنگ ڏني.هوڏانهن پرڏيهي سياح جوڙو گائين ڪارلو ۽ سندس زال ٽاء لائين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قديم تهذيب بابت ڏنل تاريخي بريفنگ ٻڌي،عقل دنگ رهجي ويو آهي.قديم زماني جي ماڻهن جن تهذيب جو بنياد رکيو هو.هنن چيو ته اسان 196 دنيا جا ملڪ ڏسڻ بعد اڄ موهن جو دڙو تي آيا آھيون جيڪا اسان جي خواهش ھئي ته اسان پاڪستان وڃون ۽ موهن جو دڙو ڏسي اچون هنن چيو ته اها اسان جي اڄ خواهش پوري ٿي وئي آھي هوڏانهن سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.










