بدين(ن س) ضلع بدين واسي اغوا ٿي ويل ٽن ڄڻن جي تصديق ڌاڙيلن مغوين جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي تفصيل موجب بدين ضلع جي شھر نئون دنبالو مان ڪجھ ڏينھن اڳ عورتاڻي آواز تي حرکجي گھوٽڪي پھتل ٽي نوجوان اغوا ٿي ويا جن ۾ بدين ضلع جي شھر نئون دنبالو جا ارباب پنھور ۽ مير علي پنھور ۽ بدين جو علي اڪبر خاصخيلي جي ڪچي واري علائقي مان ڌاڙيلن سوشل ميڊيا تي ڌار ڌار وڊيو وائرل ڪري ڇڏيون آهن ڊيو ۾ ڌاڙيل مغوين مٿان تشدد ڪري رھيا آھن ۽ مغوي وارثن کي ڀنگ عيوض آزاد ڪرائڻ لاء منٿون ڪري رھيا آھن زريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ٻنھي مغوين ارباب پنھور ۽ مير علي پنھور جي وارثن کان ڌاڙيلن 70 لک رپيا ڀنگ طلب ڪئي آھي جڏھن ته علي اڪبر خاصخيلي جي وارثن کان ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ گھري آھي ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ کين قتل ڪرڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني ويئي آھي










