بدين جي شهرين جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ) بدين ضلعي جي ڏاکڻين چئين تعلقن جي حصي جي زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي مسلسل ڇهن مهينن کان چوري ڪري سکر بئراج جي با اثر سياسي ماڻھن ۽ سنڌ جي ڪامورن جون زمينون آباد ڪري بدين ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ خلاف سوين آبادگارن جي ريلي ۽ مظاهرو بدين پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو خبر موجب بدين ضلع جي چئين ڏاکڻين تعلقن بدين گولاڙچي ٽنڊو باگو ۽ تلهار جي حصي جو زعي ۽پيئڻ جو پاڻي چوري ڪري سکر بئراج جي با اثر سنڌ حڪومتي سياسي شخصيتن ۽ڪامورن جون زمينون آباد ڪري بدين ضلع جي پوڇڙ کي بنجر بڻائڻ خلاف بدين جي سوين آبادگارن بدين بچايو تحريڪ جي اڳواڻ ۽اڳوڻي ضلعي نائب ناظم عزيزالله ڏيرو جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ کان پريس ڪلب بدين تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ڌرڻو هنيو ويو جنهن خطاب ڪندي عزيز الله ڏيري چيو ته هڪ طرف ارسا ۽ پنجاب وفاق گڏجي سنڌ جي  پاڻي تي داڙو هڻي رهيا آھن ته ٻئي پاسي  سکر بئراج تي موجود پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ڪوٽڙي ۽ سکر بئراج جي وچ مان پاڻي جي چوري سبب بدين جي پوڇڙ ۾ پاڻي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آهي پوکيل فصل سڪي رهيا آهن جڏهن ته لاڙ جو اهم  فصل ساريالي لاءِ آباد ٻيجارو به نه پوکي سگهيا آهن  هنن چيو ته اڪرم واه  مان بدين جي پوڇڙ جو پاڻي علي پور ريگيوليٽر 30 ميل موري وٽ دڪن توڙي غيرقانوني واهن ۽ سڌن ڪورسن ذريعي چوري ڪرڻ سبب پوڇڙ ۾ پيئڻ جو پاڻي دستياب به نه آهي جنهن سبب آبادگار پنهنجا اجها ڇڏي مال متاع سميت لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن هن مطالبوڪيو ته بدين ضلع جي پوڇڙ کي ان جي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو