پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي آهي نه انصاف جي نطام نه ئي محافظن اسحاق ڊار جو رستو روڪيو ملڪ جو خزانو روپوش جوابدار اسحاق ڊار جي حوالي ڪري ٻلي کي کير جي رکوالي تي ويهاريو ويو انشاءالله اوهان جو ڀاءُ عمران خان ان جو رستو روڪيندو ٻاهرين طاقتن مون کي هٽايو زرداري، شريف خاندان جا اربين رپيا ٻاهر رکيل آهن شهبازشريف ڀارت کان مريم نواز جي ناٺي لاءِ مشينري گهرائي رهيو آهي هي رڳو پئسا ٺاهڻ لاءِ چوري سان مشينري امپورٽ ڪري رهيا آهن اڃا آڊيو ليڪس ۾ ٻيون شيون به سامهون اينديون چورن جي حڪومت پنجن مهينن ۾ماهنگائي گهٽائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي مهانگائي ملڪ ۾ 50 سال جي سڀ کان بلند سطح تي آهي فضل الرحمان اسلام کي کپائي ٿو ڪرسي بدلي ان کان پنهنجي مرضي جي فتويٰ وٺي سگهجي ٿي ان کي ڏسي ماڻهو اسلام کان پري ٿي وڃن ٿا سندس ضمير جي قيمت ڊيزل جي هڪ پرمٽ آهي تاجر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جيڪو پاڪستان کان ٿيو اهو ڪوئي دشمن به نه پئي ڪري سگهيو 17 سالن کان پوءِ اڪنامڪ سروي مطابق پاڪستان ۾ 6 سيڪڙو گروٿ ٿي رهي آهي ايڪسپورٽ تي ڌيان ڏيندڙ ملڪ اسان کان اڳتي نڪري ويا جڏهن کان ٻه مافيا خاندان آيا ڀارت، بنگلاديس پاسڪتان کان اڳتي نڪري ويا 60 جي ڏهاڪي ۾ غريب ملڪ پاڪستان جي ماڊل کي فالو ڪندا هئا جڏهن کان هي ٻه خاندان آهي ملڪ قرضي ۽ هي امير ٿيندا ويا 60 جي ڏهاڪي ۾ ملڪ جي انڊسٽري تيزي سان وڌي رهي هئي پهريون ڀيرو اسان جي حڪومت ۾ انڊسٽريز ۾ 11 سيڪڙو واڌ ٿي هن چيو ته ڪرونا جي باوجود اسان جي ايڪسپورٽ وڌي رهي هئي ڪرونا جي باوجود معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون هيون اسان جي دور ۾ رڪارڊ 32 ارب ڊالر ايڪسپورٽ ٿي اسان جي دور ۾ رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪئي وئي ملڪ ترقي ڪري رهيو هو اندوران باهرين سازش تحت چورن کي مڙهيو ويو اڄ پاڪستان ۾ 50 سالن جي مهانگائي جا رڪارڊ ٽٽي ويا آهن اسان جي دور ۾ 16 رپيا في يونٽ اڄ 45 رپين تائين پهچي ويو پگهاردار طبقي لاءِ قيامت آيل آهي منهنجو سوال آهي ته ڪهڙي قيامت آئي هئي هاڻي ملڪ ۾ هر شئي مهانگي ٿي وئي عالمي مارڪيٽ ۾ اڄ گيهه جون قيمتون گهٽجي چڪيون اهن اسان جي دور ۾ 55 رپيا اڄ 120 رپيا ڪلو ٿي ويو اسان جي دور ۾ 100 رپيا ۽ اڄ چانور 220 رپيا ڪلو ٿي ويو فيصل آباد ۾ 20 سيڪڙو انڊسٽريز بند ٿي چڪي آهيا سان جي دور ۾ فيصل آباد ۾ اندسٽري هلي رهي هئي مزدور نه پيا ملن اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نوازشريف جي ڌيءَ نسورو ڪوڙ ڳالهائي ٿي هي سڀ چور ملڪ جو پئسو لٽي ٻاهر ڀڄي وڃن ٿا اين آر او ڊيل ٿئي ٿي ته ملڪ ۾ وري پوءِ واپس اچي وڃن ٿا شهبازشريف چيري بلاسم جي آڊيو ٽيم آئي آهي عمران خان چيو ته نوازشريف جي ڌيءَ مريم نواز ڪوڙ ڳالائڻ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري ڇڏي آهي علماء ۽ مشائخ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو خزانو روپوش جوابدار اسحاق ڊار جي حوالي ڪيو ويو.










