بدفعلي ويڊيو ڪيس ۾ جوابدار هفتي جي رمانڊ تي پوليس حوالي

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)  ٺري ميرواهه ۾ ٻارڙن کي بدفعلي جو نشانو بڻائي وڊيو ٺاهيندڙ جوابدار سارنگ شر کي خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  ۾  اڄ ٻيهر پيش ڪيو ويو جتي عدالت پاران وڌيڪ 7ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويوآهي عدالت جوبدار خلاف اي ٽي سي ۾ ڪيس هلائڻ واري پوليس جي استدعا به منظور ڪري ورتي  واضع رهي ته پوليس جوابدار کي ٻن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي ٻيهر رمانڊ حاصل ڪرڻ لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ٺري ميرواهه ۾ رٽائرڊ استاد سارنگ شر پاران ٻارن کي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد وڊيوز ٺاهيون ويون، وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد خيرپور پوليس طرفان جوابدار سارنگ شر کي گرفتار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو