بدسلوڪي ۽ جسماني تشدد  ڪرڻ بابت عائشه جي وضاحت

بدسلوڪي ۽ جسماني تشدد ڪرڻ بابت عائشه جي وضاحت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اداڪاره عائشه عمر سوشل ميڊيا تي ان سان بدتميزي ڪندڙ شخص جي وضاحت ڏئي ڇڏي آهي.تازو ئي عائشه عمر فريحا الطاف جي پوڊ ڪاسٽ تي انڪشاف ڪيو ته هوءَ 8 سالن کان هڪ اهڙي شخص سان رشتي ۾ هئي، جيڪو ڏينهن رات هن سان زيادتي ڪندو هو، پر جڏهن جسماني تشدد جي ڳالهه آئي ته هن ساڻس هر قسم جو تعلق ختم ڪري ڇڏيو.عائشه عمر چيو ته هن شخص سان سندس ڳالهه ٻولهه لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪي هئي.اداڪارا جي ان انڪشاف کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ماڻهن سندس نالو مرحومه نورجهان جي پوٽي سڪندر رضوي سان ڳنڍڻ شروع ڪيو، ماضي ۾ عائشه جو نالو اڪثر سڪندر سان ڳنڍيو ويندو هو.جڏهن ته هاڻي عائشه عمر پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي سوشل ميڊيا تي لڳل سمورن خدشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو