ڪراچي/ڪنڌڪوٽ (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاران ضلع ڪشمورايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ بي امني، سنڌ حڪومت جي بي حسي ۽ سيڪورٽي ادارن جي ناڪامي خلاف جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جي اڳواڻي ۾ گهنٽه گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين “ امن مارچ” ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن، عالم سڳورن، صحافين ۽ ڀُنگ عيوض اغوا ٿيل ماڻهن جي وارثن نُهٽڻ اُس ۽ شديد گرمي باوجود وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. امن مارچ کي خطاب ڪندي محمد حسين محنتي چيو ته سنڌ خاص طور تي ضلع ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪامي تي وڏي وزير جي استعفى ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پوليس ڌاڙيلن سان ٻُٽ آهي، ايڏي وڏي بجٽ هجڻ باوجود پوليس ۽ رينجرز ڪهڙي ڪم جي، نه ڪنهن جي جان محفوظ آهي نه مال، هن وقت به ضلعي مان درجنين ماڻهو اغوا ٿيل آهن، پر انتظاميه جي ڪن تي جونُ به نٿي سُري، سوال اهو آهي ته ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ڪٿان ٿا اچن؟ پوليس بااثر ماڻهن ۽ ڌاڙيلن جو نيٽ ورڪ ختم ڪرڻ کان سوا اغوا انڊسٽري جو خاتمو ممڪن ڪونه آهي. پ پ گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي، پر پوءِ به سنڌ جا ماڻهو بنيادي سهولتن ۽ امن کان محروم آهن، عوام کي هاڻي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، بي امني جو نوٽيس نه ورتو ويو ته بلاول هائوس يا سنڌ اسيمبلي تي ڌرڻو هڻنداسين، هندو واپارين کان ويندي هاڻي عورتون به ڌاڙيلن کان محفوظ ڪونه آهن، پوليس ناڪامي جو اعتراف ڪري، ڳورهاري عورت ۽ معصوم ٻار ٽي مهينا ڌاڙيلن جي قيد ۾ هئا جيڪا شرمناڪ ڳالهه آهي. ٻن مهينن اندر ڪوڙن مقابلن ۾ پوليس هٿان قتل ٿيندڙ 09 ماڻهو اڳ ۾ ئي پوليس جي حراست ۾ هئا جن کي عدالت کان مٿاهون قتل ڪيو ويو آهي، ان معاملي تي عدالتي انڪوائري قائم ڪرڻ گهرجي، پوليس گردي جي ڪري عوام جو مٿس اعتماد ختم ٿي چڪو آهي، سج لهڻ کان پوءِ روڊ رستا ويران، اغوا توڙي ڀتي جي ڪري ماڻهو گهرن ۾ قيد ٿي وڃن ٿا. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته امير جماعت سراج الحق تي حملو جماعت اسلامي کي حق ۽ سچ جي راه واري جدوجهد کان روڪڻ جي سازش آهي، اسان پُرامن جدوجهد جاري رکنداسين، آزاد ميڊيا اسان جو هٿيار، سوشل ميڊيا تي پابنديون لڳائڻ حڪومتي ناڪامي آهي، حڪومت آزاد ميڊيا کان ڊڄي ٿي، ڪراچي ۾ پ پ حڪومت جماعت اسلامي جي مينڊيٽ کي تسليم ڪري، ڌونس ڌانڌلي وارن حيلن کي هاڻ ڪامياب ٿيڻ ڪونه ڏينداسين، اسان عوامي خدمت تي يقين رکڻ وارا ماڻهو آهيون. ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيلن پاران پوليس وارن کي قتل ڪرڻ سازش آهي، پوليس جي ناڪامي سنڌ حڪومت جي ناڪامي آهي، هڪ طرف ڌاڙيل راڄ ٻي طرف قبيلائي جهيڙن جي ڪري ڪنهن به ماڻهو جي جان محفوظ ڪونه آهي، تعليمي ادارا ويران ۽ زرعي زمينون برباد ٿي ويون آهن، ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن وقت جي ضرورت آهي. امن مارچ کي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي، ضلعي امير غلام مصطفى ميراڻي، اسلاملڪ لائزرموومنٽ جي ضلعي صدر آغا ڪليم الله خلجي، مقامي امير عبيد الله گولي ۽ مجاهد چنا پڻ خطاب ڪيو.#










