بدامني ،چور سولر پليٽون موٽر سائيڪلون چوري ڪري ويا،پوليس خاموش

بدامني ،چور سولر پليٽون موٽر سائيڪلون چوري ڪري ويا،پوليس خاموش

بدين(ن سنڌيار) بدين م چورن تر تپائي ڇڏيو سولر پليٽون موٽر سائيڪلون چوري ڪرڻ کان پوء حيسڪو جي پول تي لڳل ٽرانسفارمر به لاھي ويا بدين شھر جي ڪڍڻ روڊ تي باء پاس ڀرسان حيسڪو جو لڳل ٽرانسفارمر ٽيڪنيڪل چور پول جي مٿان لاھي ان م پيل سموري مشينري ء تيل ڪڍي کڻي ويا ء ٽرانسفارمر جو خالي کوکو سرزمين تي ڇڏي فرار ٿي ويا ٽرانسفارمر جو ڪنيڪشن 11 ھزار پاور جي مين لائين. م لڳڻ جي باوجود ٿيل ھيڏي وڏي ڪاروائي شھرين کي اچرج ۾ وجھي ڇڏيو آھي سندن چوڻ ھو ته اھا ڪاروائي عام ماڻھو نٿو ڪري سگهي اھا ڪاروائي ٽيڪنيڪل ماڻھن کانسواء ڪرڻ ممڪن ڪونھين ايس ڊي او حيسڪو موقعي تي پھچي واردات جو جائزو ورتو جڏھن ته ٽرانسفارمر تي ھلندڙ بجلي بند ٿيڻ جي ڪري شھري سخت گرمي م سخت پريشاني جو شڪار آھن جڏھن ته ترانسفارمر چوري جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ھو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو