بحريه ڀڃ ڊاهه ڪيس، عبوري چالان پيش، اڳواڻ ملوث قرار

بحريه ڀڃ ڊاهه ڪيس، عبوري چالان پيش، اڳواڻ ملوث قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير پوليس بحريه ڀڃ ڊاهه ڪيس جو عبوري چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قيادت سوڌو 500 ڪارڪن هنگامن، ملڪيتون ساڙڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث قرار ڏنا ويا آھن، پوليس چالان موجب جسقم چيئرمين صنعان قريشي ڪارڪنن کي هنگامن لاءِ ڀڙڪائڻ ۾ ملوث آهي، چالان ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي، جلال محمود شاهه ۽ خالق جوڻيجو سوڌو سوين قومپرست ڪارڪن روپوش قرار ڏنا ويا آھن. ٻئي پاسي پوليس صنعان قريشي سميت گرفتار 165 ڪارڪنن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش نه ڪيو، قومپرست ڪارڪنن جا وڪيل ۽ وارث عدالت ۾ انتظار ڪرڻ بعد واپس هليا ويا. هنن چيو ته سنڌ حڪومت هن ڪيس ۾ ڌر بڻيل آهي ۽ سندن ڏاڍ وارا سمورا حربا ناڪام بڻائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو