بحريا ڪيس، صنعان سميت 147 ڪارڪنن جي ضمانت منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙعدالت نمبر 15 جي جج امير علي مهيسربحريا ٽائون ڌرڻي ڪيس ۾ گرفتار جسقم چيئرمين صنعان قريشي امجد مهيسر۽ الاهي بخش بڪڪ سميت 147 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي هڪ ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت جوابدارن کي 20-20 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت وڌيڪ ٻن ڪيسز ۾ جاچ آفيسر کي اڄ ئي دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پوليس پاران پيپر داخل نه ڪرڻ سبب انهن ڪيسن م ضمانت بابت فيصلو نه ٿيو. ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ سنڌيار کي ٻڌايو ته بحريا ڀڃ ڊاهه ڪيسن ۾ 160 ڄڻا گرفتار ٿيا هئا. جن مان 8 ڄڻن جي ضمانت ٿي چڪي آهي. باقي 152 ڄڻن مان اسين 147 ڄڻن جي ضمانت جي درخواست فائيل ڪئي هئي. سيد زين شاهه سميت 5 ڄڻا ضمانت نٿا ڪرائڻ چاهين. هن چيو ته عدالت سڀاڻي ٻيهر ٻن ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي ۽ ضمانت جي منظوري  جي صورت صنعان خان قريشي سميت 147 ڄڻا آزاد ٿي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو