ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بحريا ٽائون پاران سنڌي وسندين تي قبضن، گرفترا ڪارڪنن جي آزادي ۽ کنڀيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو. ڪراچي ۾ سنڌ انڊيجينس رائٽس الائنس پاران بحريا ٽائون خلاف ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ مرد توڙي عورتن جو وڏو انگ شريڪ ٿيو، بحريا ٽائون انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي وئي، عورتن جي ھٿن ۾ بحريا ٽائون خلاف لکيل بينرز ھئا، اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ سنڌ جي زمينن ۽ ٻيٽن تي قبضا ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيا ويندا.

ھنن چيو تھ قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ ڪيسز جي مذمت ڪيون ٿا، کين گرفتارين سان هيسائي نٿو سگهجي، اسين پنهنجي ڌرتي جي مالڪي تان هٿ نه کڻنداسين.****سکر مان جئيرام موجب سنڌ پروگريسو ڪميٽي پاران بحريا ٽائون انتظاميا خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي سنڌ پروگريسو ڪميٽي ۾ شامل عوامي جهموري پارٽي؛ عوامي ورڪر پارٽي؛ شهيد ڀٽو پارٽي ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن حڪيم زنگيجو؛ وحيد ڀيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته بحريا ٽائون انتظاميا پاران سنڌي قوم سان مسلسل ناانصافيون ڪيون پيون وڃن پنهنجي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي انهن چيو ته هڪ سازش تحت سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي انهن مطالبو ڪيو ته گرفتار اڳواڻن تي داخل ڪوڙا ڪيس فوري ختم ڪري سنڌ جي عوام کي پنهنجا حق ڏنا وڃن ۽ سنڌ جي ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ بند ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

****گهوٽڪي مان سليم فضل ڪلهوڙو موجب سنڌ پروگريسو ڪاميٽي ۽ عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي اڄ گهوٽڪي ۾ احتجاجي ريلي ۽ جلسو ٿي گذريو. اتحاد ۾ شامل تنظيمن جي اڳواڻن ڪامريڊ بادل ملڪ، ڪامريڊ مجيد جوڻو، اسلم حيدري، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي اڳواڻ خالد حسين لاکو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ لال بخش گهوٽو، ڪامريڊ جمال شاه، سائين داد چاچڙ، اياز لطيف دايو ۽ سول سوسائٽي جي ساٿين شرڪت ڪئي. سياسي سماجي اڳواڻن شاگردن بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ٻين سنڌ دشمن رٿائن خلاف ۽ ڪامريڊ سينگار نوناري کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف نعري بازي ڪئي. اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته، بحريا ٽائون سميت هر سنڌ دشمن منصوبي کي رد ڪجي ٿو، جيڪو رياستي سرپرستي هيٺ هلي ٿو ۽ رياستي مشينري تحت خوف ۽ لالچ ذريعي ڌرتي ڌڻين کي پنهنجن ماڳن مان بيدخل ڪيو وڃي ٿو. اڳواڻن چيو ته سنڌ جو هر باشعور ماڻهو اهڙي قسم جي ترقي کي رد ڪري ٿو ۽ ماضيءَ وانگر سنڌ جو اجتماعي سياسي شعور ۽ مزاحمتي سگھ ذريعي ڪنهن به قسم جي والار کي منهن ڏيندو ۽ سنڌ ۽ مظلوم طبقي خلاف ٿيندڙ هر ظلم خلاف تحرڪ ۾ رهندو.آخر ۾ اڪثريت راءِ سان قراردادون پاس ڪيون ويون، عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ سينگار نوناري سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزاد ڪرڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل پريل دايو تي ٿيل قاتلانہ حملي جا جوابدا گرفتار ڪرڻ جي گهر پڻ ڪئي ويئي.










