بجيٽ ۾ عوام تي وڌيڪ ٽيڪس جو بار وجهڻ جي تياري

بجيٽ ۾ عوام تي وڌيڪ ٽيڪس جو بار وجهڻ جي تياري

اسلام آباد)بيورو) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ عوام تي اڻ سڌي طرح ٽيڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي پئي وڃي.ذريعن موجب بجيٽ ۾ ايندڙ سال اڻ سڌي طرح ٽيڪس جي وصولي ۾ اضافي جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ اڻ سڌي ٽيڪس وصولين ۾ 1048 ارب رپيا اضافي جي سفارش ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڻ سڌي طرح ٽيڪس وصولي جو هدف 4695 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جڏهن ته ايندڙ بجيٽ ۾ سڌي ريت ٽيڪس وصولي جو هدف 2560 ارب رپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ مجموعي روينيو جو ڪاٿو 9 هزار ارب رپيا آهي، ايف بي آر ڪي اي ٽيڪس جو هدف 7 هزار 255 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو جو ڪاٿو 1626 ارب رپيا آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو