بجيٽ وفاقي ڪابينه مان منظوري کان پوءِ 9 جون تي پيش ٿيندي

بجيٽ وفاقي ڪابينه مان منظوري کان پوءِ 9 جون تي پيش ٿيندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهبازشريف هدايت ڪئي ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان جوڳا قدم غريب ۽ وچولي طبقي جون مالي ڏکيائيون گهٽائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، پينشن سڌارن کي جلد آخري شڪل ڏني وڃي تخليقي طريقو اختيار ڪندي پينشن فنڊ قائم ڪيو وڃي روينيو وڌائڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ وفاقي ڪابينه مان منظوري کان پوءِ 9 جون 2023 تي پيش ڪئي ويندي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعطم شهبازشريف جي صدارت هيٺ مالي سال 2023-24 جي بجيٽ جي تياري جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس اڱاري تي اسلام آباد ۾ ٿيو اجلاس ۾ معاشي ٽيم پاران وزيراعظم کي بجيٽ جي تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس سان ڳالهائيندي وزيراعظم اطمينان جو اظهار ڪيو ته حڪومت جي تڪڙي حڪمت عملي سان يوريا ڀاڻ جو اگهه لاڳيتو گهٽ ٿي رهيو آهي جنهن سان نه رڳو هاري خوشحال ٿيندو پر ملڪ زرعي جنسن ۾ پاڻ ڀرو ٿيندو وزيراعظم ان ڳالهه تي به خوشي ظاهر ڪئِي ته حڪومت جي بهتر معاشي پاليسين جي ڪري گذريل ٻن مهينن ۾ ڪيترنئي سالن کان پوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪيو ويو ان کان سواءِ وزيراعطم پيشن سڌارن کي جلد آخري شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته تخليقي طريقو اختيار ڪندي هڪ پينشن فنڊ قائم ڪيو وڃي ته جيئن قومي خزاني تي ٻوجهه گهٽ ٿي سگهي ۽ پينشنر جي بهتري فلاح ۽ بهبود کي بهتري بڻائي سگهجي اجلاس کي ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ وفاقي ڪابينه مان منظوري کانپوءِ 9 جون 2023 تي پيش ڪئي ويندي اجلاس ۾ اسحاق ڊار، خواجه آصف، رانا ثناءُالله احسن اقبال، احد چيما، مصدق ملڪ،. ملڪ احمد خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو