بجلي 1 رپيو 26 پيسا مهانگي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي 1 رپيو 56 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمتن ۾ اضافو آڪٽومبر جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مدد ۾ ڪيو ويو جيڪو ماهوار 50 يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين تي لاڳو نه ٿيندو. بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سان صارفين تي ساڍا 14 ارب رپين جو اضافي بار پوندو ۽ اها واڌ صارفين کان بجلي تقسيم ڪندڙ ڪمپنيون جنوري جي بلن ۾ وصول ڪنديون. جڏهن ته بجلي جي قيمتن ۾ اهو اضافو ڪي اليڪٽرڪ تي لاڳو نه ٿيندو. ياد رهي ته نيپرا 26 ڊسمبر تي ٻڌڻي بعد في يونٽ بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي جڏهن ته گذريل ڏينهن ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين لاءِ في يونٽ 4 رپيا 90 پيسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو