بجلي گهرن سان نئين معاهدي هيٺ سستي بجلي ملندي، شبلي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ نجي بجلي گهرن سان ڪيل نئين سر معاهدي بعد بجلي سستي ٿيندي. اهڙو اظهار اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز توانائي بابت وزيراعطم جي خاص معاون شهزاد قاسم سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن ٻڌايو ته ماضي جي حڪومتن نجي بجلي گهرن سان جيڪو معاهدو ڪيو هو ان موجب بجلي گهر جي ڪل پيداواري صلاحيت جي برابر ادائگي ڪرڻي هئي پر هاڻي اهو طئي ڪيو آهي ته جيتري بجلي حڪومت استعمال ڪندي اوتري جي ادائگي ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته ٻيو اهم نقطو اهو آهي ته بجلي گهرن کي ادائگي ڊالر بدران روپئي ۾ ڪئي ويندي. نئين معاهدي موجب نجي بجلي گهرن کي نيپرا جي اصولن تي عمل ڪرڻو پوندي، استعمال ٿيندڙ تيل جي مقدار ۽ معيار جا تفصيل نيپرا کي ڏيڻا پوندا. ان سان بجلي جي لاڳت گهٽ ٿيندي.دير سان ٿيل ادائگين تي اڳ ۾ ڪائبر پلس 4.5 سيڪڙو ڏنڊ هو جيڪو گهٽ ڪري 2 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. شهزاد قاسم ان موقعي تي ٻڌايو ته نجي بجلي گهرن سان نئين ايم او يو تي صحيحون ٿي ويون آهن ۽ جلد عوام کي ان جو فائدو ملند.

پهنجو تبصرو موڪليو