ڳڙهي ياسين(شفيق مهر) ڳوٺ کاھي مھر ۾ غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽڻ لاءِ پھتل سيپڪو ملازمن مٿان ڳوٺاڻن جو تشدد سبب لائين سپرنٽنڊنٽ ۽ لائين مين زخمي ٿي پيا. ايس ڊي او سيپڪو ذوالفقار نوناري جي اڳواڻي ۾ ملازمن ڳوٺ اندر آپريشن شروع ڪيو ته مھر برادري جي ماڻھن مزاحمت ڪئي جنهن سبب سيپڪو ملازمن ۽ مهر برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو لٺيون مُڪون ۽ لتون لڳڻ سبب لائين سپرنٽنڊٽ مقصود ميمڻ ۽ لائين مين اڪبر ميمڻ سخت زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس به واقعي واري ھنڌ پھتي ته ڳوٺاڻا پوليس کي ڏسندي فرار ٿي ويا. جنھن بعد زخمين کي ڳڙھي ياسين اسپتال آندو ويو جتي سيپڪو عملدارن ايس ڊي او سيپڪوذوالفقار نوناري جي اڳواڻي مھربرادري جي حملي آورن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي ايس ڊي او چيو ته ڳوٺ کاھي ۾ غير قانوني ڪنيڪشن ھلايا وڃن ٿا ۽ سموري ڳوٺ ڏانھن 75 لک روپيا بقاياجات پڻ آھي بار بار بجلي جا بل جمع ڪرائڻ لاءِ نوٽيس ڏيڻ باوجود ھڪ به بل جمع نٿو ڪرايو وڃي جڏھن ته ڏاڍ ڪري ڪنڊا ڪنيڪشن پڻ ھلايا وڃن ٿا جنھن خلاف آپريشن ڪرڻ لاءِ ڳوٺ پھتا سين ته ظھير مھر سميت مھر برادري جي ٻين ماڻھن اسان مٿان لٺين ۽ سروٽن سان حملو ڪري ڏنو. ھن چيو ته حملا آورن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو پھريان به ملوث ماڻھن اسان مٿان حملو ڪيو ھو جنھن جي اين سي داخل ٿيل آھي.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو