جروار (محمد بخش گبول) ڳوٺ جئندو بوزدار ۾ 18سالا فهيم بوزدار بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت. ٻڌايو وڃي پيو ته نوجوان گهر ۾ بجلي جو يو پي ايس ٺاهي رهيو هو ته بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو. نوجوان کي وارث ميرپورماٿيلو اسپتال کڻي وڃي رهيا هئا ته فهيم رستي ۾ ئي دم ڏنو. واضح رهي ته نوجوان گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ فرد هو سندن پيءُ دين محمد بوزدار چار سال اڳ دل جي دوري سبب فوت ٿي چڪو آهي.










