بجلي جي تار هڻڻ تان جهيڙو هڪ فوت 8 ڄڻا زخمي، وڌيڪ خونريزي جو خطرو

ڀرياسٽي (رپورٽ مجيد ڪيريو) ڳوٺ گولو نائچ ۾ نائچ ۽ لاڙ برادرين جي ٻن ڌرين ۾ بجلي جو ڪنيڪشن هڻنڻ جي معمولي ڳالهه تان جيهڙو، جيهڙي ۾ فائرنگ، لٺين ۽ ڪهاڙين جي استعمال سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا. عبدالطيف لاڙ گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته گوليون ، ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ ڪري غلام عباس لاڙ، امداد لاڙ، قربان لاڙ، حبدار لاڙ، مسڪين لاڙ، محبوب نائچ، فاروق نائچ، ۽ صدام نائچ سخت زخمي ٿي پيا. جن کي ڀرياسٽي اسپتال داخل ڪرايو ويو آحي، جڏهن ته مقتول عبدالطيف جي ڀاءَ علي خان لاڙ ۽ ٻين ميڊيا کي  ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اسان بجلي جي تار لڳائي پئي جيڪا نائچ برادري جي ماڻهن نه هڻڻ ڏني ۽ ان معمولي ڳالهه تان جيهڙو ٿيو، جنهن جي پڻ اسان ڀرياسٽي ٿاڻي تي چار جوابدارن جي مٿان اين سي داخل ڪرائي پر ڀرياسٽي پوليس اي ايس آءِ محمد قاسم بالادي جوابدار ڌر جي ڳوٺ آيو ۽ چانهن پي واپس هليو ويو. هن ٻڌايو ته ان معاملي جو فيصلو پڻ اڄ رکيل هو ۽ اسان فيصلي تي اچي رهيا هئاسين ته پنهنجي گهرن جي ڀرسان روڊ تي جوابدار رحيم نائچ، محبوب نائچ، فاروق نائچ، قاسم نائچ ۽ ٻين سڌي فائرنگ ڪئي جنهن سبب اسان جو همراه عبدالطيف قتل ٿي ويو ۽ ڪيترائي ٻيا سخت زخمي ٿي پيا جيڪي مرڻنگ حالت ۾ اسپتال داخل آهن. هنن ٻڌايو ته پوليس واقعي واري هنڌ ٻه ڪلاڪ بعد پهتي هئي ۽ لاش ٻن ڪلاڪن تائين روڊ تي پيل هيو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيوهو، ڌريون مورچا بند آهن، پوليس ڪابه ڳوٺ ۾ پڪٽ قائم نه ڪئي آهي ۽ خونريزي جو خطرو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو