بدين (ن سنڌيار) بدين ۾ بجلي جي بدترين لوڊ شيڊنگ جي خلاف سوين شھري رستن تي نڪري آيا حيسڪو چيف ايڪسيئن ۽ ايس ڊي او جي خلاف سخت نعري بازي شھرين قاضيا واھ پل تي ڌرڻو ھڻي رود بند ڪري ڇڏيو جنھن ڪري بدين کان مٺي ڏيپلو ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي شھرين عدنان ميمڻ لطيف نوتيار عثمان راھمون منوعيسائي زاھد پٺاڻ ء ٻين صحافين کي ٻڌايو ته حيسڪو بدين جا عملدار حيسڪو چيف جي پاليسي تي عمل ڪندي بدين م روز 20 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪري رھيا آھن جنھن ڪري بجلي تي ھلندڙ سمورا ڪاروبار ڪيترن ئي ڏينھن کان بند پيا آھن ھزارين پورھيت بي روزگار ٿي ويا آھن شھرين جي گھرن ۾ پيل فرج بند ٿيڻ جي ڪري انھن ۾ پيل گوشت مچي ۽ ٻيو تياار ٿيل کاڌو ۽ فروٽ بدبوءِ ڪري ويو آھي بدين جي عوام سان وڏي بدمعاشي ڪئي پئي وڃي سخت گرمي ۾ شھري نه دڪانن تي ڪاروبار ڪري سگھن ٿا ۽ نه وري گھرن ۾ آرام ڪري سگھن ٿا ھنن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته نااھل حيسڪو چيف ايڪسيئن ۽ ايس ڊي او کي برطرف ڪري مٿن فرضن ۾ غفلت ڪرڻ جا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ شھري ظالم آفيسرن جو آفيسن جو گھيرائو ۽ احتساب ڪرڻ تي مجبور ٿيندا ۽ جيڪو نقصان ٿيو ان جي ذميواري حيسڪو چيف ايڪسيئن بدين تي ھوندي










