اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) اوور بلنگ تي 3 سال ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.توانائي واري وزارت موجب قومي اسيمبلي ڊسڪوز ۾ اوور بلنگ بابت قانون سازي جي منظوري ڏئي ڇڏي.توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري هڪ ٻيو واعدو پورو ڪيو آهي.اها شق اوور بلنگ ۽ غلط بلنگ ڪندڙ آفيسرن جي گرفتاري کي ممڪن بڻائي سگهندي.اويس لغاري چيو آهي ته اوور بلنگ تي ايف آءِ اي نه پر نيپرا ڪارروائي ڪندي.نيپرا ذريعن موجب ايف آءِ اي کي غير ضروري حراسان ڪرڻ کان بچڻ لاءِ ضابطا تبديل ڪيا ويا.نيپرا ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ايف آءِ اي رڳو نشاندهي ڪندي، آفيسرن کي گرفتار نه ڪندي.










