بجلي جون تارون ڪرڻ سبب 4 ايڪڙ ڪمند سڙي ويو

شيخ ڀرڪيو (مظفر علي بروهي) بجلي جون تارون ڪرڻ سبب مقامي زميندار چوڌري خان محمد ڪمبوهه  جو چار ايڪڙ تيار ڪمند سڙي ويو، باهه شديد هئڻ  ڪري سوين ماڻهن وڏي ڪوشش سان باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ ڪمند کي سڙڻ کان بچائي ورتو . متاثر زميندار چوڌري خان محمد ڪمبوهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  بجلي جون تارون پراڻيون هيون جن بابت اسان بار بار واپڊا وارن کي دانهيو پر انهن اسان جي هڪ به نه ٻڌي . هن چيو ته باهه سبب سندس چار ايڪڙ ڪمند سڙي ويو آھي جڏهن ته  2 ايڪڙ ڪمند سخت متاثر ٿيو آهي  باهه سبب مونکي 10 لکن کان 15  لکن جو نقصان ٿيو آهي هن چيو ته ڪمند کي لڳل باهه ۽ نقصان جو واپڊا جي  ايس ڊي او لائين سپريڊنٽ ۽ لاڳاپيل عملدارن  خلاف سنڌ هاء ڪورٽ سرڪٽ بيئنچ حيدرآباد ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو