بجلي بندش خلاف هاءِ وي بلاڪ، مسافرن ۽ مظاهرين ۾ چڪريون

مانجهند( رپورٽ مهراڻ يوسف عمراڻي) سن ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان بجلي بند هئڻ خلاف شھرين جو سائين جي ايم سيد چوڪ کان 2 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري انڊس ها۽ وي تي نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي اي سي حيسڪو ۽ عملي خلاف نعريبازي ڪئي وئي. جنهن سبب سيوهڻ ڄامشورو روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، جنهن ۾ مسافرن ۽ مظاهرين ۾ جهڙپون به ٿينديون رهيون. ان موقعي تي اڳواڻن عبدالستار سومرو، عبدالصمد سمون، شمن علي شاه، اشرف عمراڻي، مظھر سولنگي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حيسڪو اي سي، لائين سپريٽيڊنٽ ۽ عملي عيد خرچي نه ملڻ تي سن ۽ ڀرپاسي جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آھي. جنهن سبب ڀلاري مهيني ۾ به 50 هزار کان وڌيڪ آبادي شديد گرمين سبب بي حال ٿي وئي آھي. درزين سميت مختلف ڪاروباري عوام بي روزگار آھي، پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي پر انتظاميا بنا جواز جي بجلي بند ڪري وڏي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آھي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور بجلي ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ وري روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو