اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڇنڇر جي رات 11 لڳي 41 منٽن تي بجلي جي بريڪ ڊائون سبب 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ملڪ ۾ بجلي غائب رهي ۽ رابطا ختم ٿيڻ سبب ڪيترن ئي قسمن جون افواهون سامهون اچڻ لڳيون.ان حوالي سان شهرين جو چوڻ آهي ته ايتري تڪليف بجلي جي بندش سبب ناهي ٿي جيترو افواهن پريشان ڪيو. سوشل ميڊيا تي پاڪ ڀارت جنگ جون افواهون به پکڙجيون ۽ مارشل لا بريڪنگ رهي .پاڪ ڀارت جنگ جون افواهون ان وقت پکڙجيون جڏهن هڪ ٽوئٽر صارف پاڪستان ايئرفورس کي الرٽ رهڻ جو مشورو ڏنو.مارشل لا ۽ بليڪ آئوٽ جي ٽرينڊ ۾ ماڻهن افواهون پکيڙيندڙن جو مذاق به اڏايو ۽ حڪومت مٿان سخت تنقيد به ڪئي. لاهور جي هڪ شهري ان حوالي سان چيو ته افواهون گهڻيون پکڙجيون ڪنهن چيو ته ڀارت حملو ڪري ڇڏيو آهي، لاهور ته هونئن به بارڊر جي ويجهو آهي ان لاءِ وڌيڪ ڳڻتي ٿي. ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ وارن کي خيال ڪرڻ گهرجي.بجلي جي معطلي بابت بحث دوران توانائي واري وزارت خبر ڏني ته بجلي جي بحالي وارو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. توانائي واري وزارت ۽ حڪومتي وزيرن طرفان ٽوئٽ کان پوءِ افواهن جو سلسلو گهٽ ٿيو. ڪجهه ٽائم لائنن تي خدشا ۽ افواهن جو ذڪر ٿيو ته جواب ۾ ٻين صارفين به افواهون نه پکيڙڻ جو مشورو ڏنو.وزيراعظم جي صلاحڪار شهباز گل پنهنجي هڪ ٽوئٽ تي ڳالهائيندي لکيو ته اوهان ته هر وقت فلم بڻيل هوندا آهيو. توانائي واري وزارت طرفان صارفين کي ٽيڪنيڪي پهلو ٻڌائي بجلي جي خرابي جو سبب ٻڌايو ويو ته سوشل ميڊيا صارفين سموري بحث کي تبديل ڪري ڇڏيو.










