حيدر آباد (ن س )سنڌ ۾ بجلي جي بندش چوٿين ڏينهن به جاري آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته 12 هاءِ ٽينشن پاور ٽاورز جي ڪري پوڻ سبب حيسڪو کي 100 ملين رپين کان وڌيڪ جو نقصان پهتو آهي. حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (حيسڪو) جي ترجمان موجب، سومر تي مينهن ۽ هوا سبب حيسڪو علائقي ۾ 132 ڪي وي هاءِ ٽينشن لائن جا 12 ٽاور ڪري پيا، جنهن کان پوءِ متبادل ذريعن کان ميرپورخاص، ٽنڊي الله يار، سلطان آباد، شيخ ڀرڪيو ۽ عمرڪوٽ سميت ست گرڊ اسٽيشنن کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي.حيسڪو جي ترجمان چيو ته حيدرآباد-ميرپورخاص ڊبل سرڪٽ لائن جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ 200 ماڻهن تي مشتمل 6 ٽيڪنيڪل ٽيمون ڏينهن رات ڪم ۾ مصروف آهن.حيسڪو جي ترجمان موجب، اميد آهي ته پاور ٽاورز جي بحالي جو ڪم آچر 20 جولاءِ تائين مڪمل ٿي ويندو ۽ ڊبل سرڪٽ بحال ٿي ويندو.ان دوران، صارفين شڪايت ڪئي ته جتي متبادل ذريعن ذريعي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، اتي وولٽيج انتهائي گهٽ آهي، جيڪو نه رڳو بجلي جي سامان کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ٿو پر انهن جي خراب ٿيڻ جو خطرو پڻ وڌائي ٿو.










