لاھور (ويب ڊيسڪ)وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته پنجاب جي عوام کي بجليءَ جي بلن ۾ 2 مهينن جو رليف ڏيڻ کي بي وقوفي چيو وڃي ٿو سي ايم پنجاب مريم نواز جو لاهور ۾ ٽاپ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن جي مان ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته ڪرپشن جا پئسا کيسي ۾ وجهڻ ۽ پروٽوڪول تي پئسا خرچ ڪرڻ بي وقوفي نه آهي؟ پنجاب جي عوام کي ملندڙ رليف تي تنقيد سان افسوس ٿيو مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ پاڪستان جي پهرين اي آءِ يونيورسٽي ٺاهي رهيا آهيون، اسان کي ٻارن جي هٿن ۾ پيٽرول بم ۽ ڏنڊا نه ڏيڻا آهن، مريم نواز چيو ته ماڻهو چون ٿا ته بجلي جي بلن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ بي وقوفي آهي هن چيو ته هيليڪاپٽر ۽ جهازن تي پئسا خرچ ڪرڻ بي وقوفي نه آهي، منهنجي لاءِ عوام کي ٻن مهينن جو رليف ڏيڻ کان وڌيڪ ٻي ڪا سٺي ڳالهه نه آهي، گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه مريم نواز جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو هو ته عجيب اعلانن سان پريشان ٿي ويندا آهيون هن چيو ته اهڙن بي وقوفي وارن اعلانن تي ڪهڙو جواب ڏيون، خبر ناهي ته ماڻهو ٽي وي تي اچڻ لاءِ وقت ڪيئن ٿا ڪڍن، اسان ڪم ٻڌائڻ کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ تي يقين رکندا آهيون










