ڳڙهي ياسين (ن سنڌيار)ڳوٺ مصري واهڻ جي رهواسين جکرا برادري جي ماڻهن جو امام بخش جکرو جي اڳواڻي ۾ بااثر رسول بخش بروھي جي مبينه ناجائزين۽ دوڪانن تي قبضي خلاف پريس ڪلب تي احتجاج ڪيو. جکرا برادري جي نوجوانن محراب جکرو، مجيب الرحمان جکرو، ڪامران جکرو، ارشاد جکرو ۽ ٻين دانھيندي چيو ته بااثر رسول بخش بروهي اسان جي مسڻ محلا نوشھرو روڊ تي واقع 9 دوڪانن تي قبضو ڪري پنهنجا ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن، ھو اسان جي جڳهن ۽ پلاٽ تي به قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هنن چيو ته اسان جو پلاٽ، جڳهون ۽ دوڪان اسان جي کاتي تي نالي چڙهيل آهن، ھو بلاوجہ اسان کي تنگ ڪري اسان جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هنن آئي جي سنڌ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو کان مطالبو ڪيو ته بااثر رسول بخش بروهي خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.










