باگڙي برادري گهرن کي باهه اک ڇهمب 30 گهر سڙي رک

باگڙي برادري گهرن کي باهه اک ڇهمب 30 گهر سڙي رک

ٺل(ن سنڌيار)ٺل لڳ جونگل ۾ چلھ مان چڻنگ اٿڻ ڪري باگڙي برادري جي 30 کان وڌيڪ گهرن کي باهه وڪوڙي  ڇڏيو، اک ڇهمب ۾ گهرن اندر پيل سامان سڙي رک، جاني نقصان ڪو به نه ٿيو، باگڙي برادري جون متاثر عورتون گهرن کي باهه دوران روئنديون رهيون، اطلاع باوجود فائربريگيڊ عملو نه پهتو، سوين ڳوٺاڻن پهچي باهه کي پنهنجي مدد تحت پاڻ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي ، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل رپورٽ موجب جونگل بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير فضل الاهي بنگلاڻي جي رهواسي ڀاگڙي برادري جي 30 کان وڌيڪ ڪکائن گهرن کي چله مان چڻنگ اٿڻ ڪري باهه وڪوڙي وئي گهرن اندر پيل سڄو سامان سڙي رک علائقي جي سوين ڳوٺاڻن پهچي پنهنجي مدد تحت پاڻ باهه کي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باهه اک ڇهمب ۾ سڄا گهر ساڙي رک ڪري ڇڏيا جنهن۾احمد،لال،ڪول،بگوانداس،پنهون،ٻانهون،صدام،وزير،ڪمبير،جاني نانڪ، چرنداس،راجي،گلاب،لال،جئرام،ڀڳتو،ڏنو،لالو،دلبر،رانمبو،معين،بداس، لکو. رويداس، سرواڻ ۽ بابن باگڙي سميت 30 کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي ويا جڏهن ته گهرن اندر پيل لٽا ڪپڙا،چار پايون اناج جي فصل لاءِ رکيل هزارين رپين جون دوائون سڙي ويون، جاني نقصان ڪو به نه ٿيو جڏهن ته باهه لڳڻ بعد فائربريگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو ويو پر فائربريگيڊ جي گاڏي نه پهتي گهرن کي باهه لڳڻ دوران باگڙي برادري جون عورتون پار ڪڍي روئنديون رهيون گهر مڪمل سڙي وڃڻ ڪري سوين متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو