ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند) يونين ڪائونسل مويا شھر ۾ باگراڻي برادري جو چڱو مڙس رئيس فدا حسين باگراڻي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو سان ملاقات ڪري سندس پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو ان موقعي تي رئيس فدا حسين باگراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته قومي عوامي تحريڪ همشيه اصول پرستي جي سياست ڪئي آهي ۽ ان سان گڏو گڏ سنڌ جي هر هڪ اهم مسئلي لاءِ جدوجهد ڪري حق ۽ سچ جي آواز کي بلند ڪيو آهي.هو اياز لطيف پليجو جي سياست مان دلي طور تي مطمئن ٿي پارٽي ۾ شامل ٿيو آهي.










