باڊھ )رپورٽ محمد قاسم ٻگهيو (باڊھ ۔ ۾ وري ٻيهر قربلا جو مناظر ڏسڻ آيو رمضان المبارڪ مهيني ۾ روزيدار مٺي پاڻي پئيڻ لاء بيوس بڻيل درگاھ محلي جو مٺو پاڻي بند ڪري درگاھ شريف وارن سان يزيد وار وير ڪيو ويو ۔قربلا يزيد حضرت امام حسين صه جو پاڻي بند ڪيو هيو۔ درگاھ شريف وارن لاء نوا يزيد نااهل ٽائون ڪميٽي باڊھ آفيسر ۽ اڪائوٽنٽ پريل سومرو بند ڪري يزيد جو قردار ادا ڪيو ۔تاريخ جي ورقن کي اٿلائڻ ۽ ڪربلا جي واقعي جو گھرائيءَ سان مطالعي ڪرڻ مان اِهو معلوم ٿئي ٿو ته۔ جنگ رڳو هٿيارن ۽ ماڻهن سان نه پر همت، ثابت قدمي، ڏاهپ، ۽ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي جذبي سان به وڙهي سگھجي ٿي. ڪربلا جو واقعو اسان کي درس سکاري ٿو ته ظالم ڪيترو به طاقتور ۽ بااثر ڇو نه هجي آخر فتح حق ۽ سچائي جي هوندي آهي ۽ شڪست هميشه باطل جو مقدر بڻجندي آهي. حضرت امام حسين عه جن ڪربلا جي ميدان ۾ خاندان، دوست ۽ پنهنجو سر گھوريائون. حق، سچ جي راهه تان نه هٽائڻ لاءِ ڇا نه سٺائون. وطن جي جدائي، حرمين کان دور، شهرن کان دور ، پاڻي بند، معصوم ٻارن جو تڙپڻ، ٻارن ٻچن کي بک ۽ اڃ ۾ ڏسڻ، جگري يارن جا سر ڪٽجندي، اولاد جا سر ڌڙن کان ڌار ڏسڻ، سڄي خاندان جي شهادت اکين اڳيان ٿيڻ، ڪو به انسان ايتريون سختيون ڏسي گھٻرائجي وڃي ٿو، ڪيڏو به دنياوي مقصد هجي پر ان لاءِ ايتري قرباني برداشت نه ڪندو پر جنهن جو موقف سچ ۽ حق جو علم بلند ڪرڻ هجي، اهو سر ۽ گھر گھوري سرخرو ٿيندو ۽ دنيا وارن جي لاءِ هڪ مثال بڻجي ويندو آهي جو ماڻهو ان جي پيروي ڪندا رهن، هي مثال اسان کي حضرت امام حسين عه جي صورت ۾ مليو، جنهن کي حق تان هٽائڻ لاءِ ڪا به سختي روڪي نٿي سگهي. جنهن جي پهاڙن کان وڌيڪ مضبوط ارادي کي زخم، سور، سختيون سمهاري نه سگهيون. هيءَ حقيقت آهي ته امام حسين عه ڪنهن هڪ مسلڪ ۽ فرقي جو نه پر امام حسين عه ته انسان ۽ پوري انسانيت جي بقا جو نالو آهي. جيڪا ڏهين محرم الحرام 61 هه تي واضح ٿي وئي هئي ته جتي ڪوڙ، فريب، فتنو فساد، چوري، قتلام هوندا اتي يزيدي ڪردار ادا ڪيو ويندو ۽ جتي حق ۽ حق جي ڳالهه ڇانيل هوندي ته اتي امام عالي مقام عه جو ڪردار ادا ڪيو ويندو. امام حسين عه جي مٿان ٿيل مصيبتن کي ياد ڪرڻ ۽ پنهنجي اندر ۾ ان جو اظهار ڪرڻ هر شخص جو ذاتي فعل، هن جي معرفت جي معيار جي عڪاسي ۽ ان جي جذبن ۽ احسانن جي ترجماني آهي. ڪربلا جي قرباني اسان جي لاءِ سبق آموز ۽ يادگار آهي جنهن ۾ ڪيترائي راز سمايل آهن.حضرت امام حسين عه جي مقدس هستيءَ جي شهادت، ميدان ڪربلا کي جيڪو مقام، مرتبو ۽ عالم السلام ۽ عالم انسانيت کي سوچ ۽ فڪر عطا ڪيو آهي، ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته هي واقعو ئي ناهي پر هي هڪ حقيقت به آهي واقعي ڪربلا جي اندر ٻه ڳالهيون نظر اچن ٿيون، هڪ طرف يزيد جي سوچ ۽ فڪر هو ته ٻئي طرف امام حسين عه جي سوچ ۽ فڪر آهي، امام حسين عه جي سوچ ۽ فڪر کي ”حسينيت“ جو نالو ڏنو ويو آهي ته ٻئي طرف يزيد جي سوچ ۽ فڪر کي “يزيديت” جو نالو ڏنو ويو آهي. واقعه ڪربلا جي پسمنظر ۾ يزيد جي سوچ ۽ فڪر هي هو ته طاقت ئي حق آهي يعني جنهن وٽ طاقت آهي اهو حق تي آهي، ان جي پيروي، تابعداري ۽ هر صورت ۾ ان جو ساٿ ڏنو وڃي. حضرت امام حسين عه جي سوچ ۽ فڪر هي هو ته طاقت حق ناهي بلڪي حق ئي طاقت آهي. طاقت جي بجاءِ حق جو ساٿ ڏنو وڃي. هن ڳالهه مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪربلا جي ميدان ۾ ظاهري طور تي فتح يزيد جي ٿئي پر اهو نظرياتي ۽ فڪري جنگ هاري ويو ۽ فتح حضرت امام حسين عه جي ٿي. اڄ به دنيا ۾ يزيد جو نالو ۽ يزيدي سوچ ذلت ۽ شرمندگي جي نشاني آهي ۽ حضرت امام حسين عه جو نظريو ۽ فڪر اعلى عزت جو نالو آهي. يزيد جي عبرت ناڪ انجام مان اڄ جي ظالم ۽ طاقتور ۽ دولت جي اقتدار جي نشي ۾ چور حڪمرانن، وڏيرن، جاگيردارن، ۽ سياستدانن کي به سبق حاصل ڪرڻ گھرجي ته جهڙي طرح يزيد جي حڪومت، اقتدار، دولت، عهدو، سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ کان پوءِ به ناڪام، خوار ۽ رسوا ٿيو. اهڙي توهان به ظلم کان باز نه ٿيو ته ڪاٿي توهان جو به اهڙو حشر نه ٿئي!










