باني ۽ بشريٰ جي طبي معائني لاءِ درخواست داخل

باني ۽ بشريٰ جي طبي معائني لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ جي باني جي قانوني ٽيم راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ باني ۽ بشريٰ بي بي جي طبي معائني جي درخواست داخل ڪئي آهي.دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت سڀاڻي لاءِ استغاثه کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني جي ذاتي ڊاڪٽرن کي جيل تائين رسائي ڏني وڃي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم يوسف، ڊاڪٽر خرم مرزا ۽ ڊاڪٽر ثمينه نيازي کي باني جو طبي معائنو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، لاڳاپيل ڊاڪٽر باني جي طبي تاريخ کان واقف آهن.پي ٽي آءِ جي باني جي قانوني ٽيم درخواست ۾ چيو آهي ته خاندان پي ٽي آءِ جي باني جي صحت بابت پريشان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو