باقاعدي ورزش ڪرڻ سان ڪرونا وائرس جا امڪان گھٽجي ويندا آهن:تحقيق

باقاعدي ورزش ڪرڻ سان ڪرونا وائرس جا امڪان گھٽجي ويندا آهن:تحقيق

لنڊن (ويب ڊيسڪ)باقاعدگي سان ورزش ڪرڻ سان ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان گهٽجي ويندا آهن.برٽش جرنل آف اسپورٽس ميڊيسن ۾ شايع ٿيل هڪ تجزياتي رپورٽ موجب، باقاعده ورزش ڪرڻ سان نه رڳو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو گهٽجي ٿو پر انفڪشن، اسپتالن ۾ داخل ٿيڻ ۽ موت جي شدت ۾ به گهٽتائي اچي ٿي.تحقيق موجب هفتي ۾ 150 منٽن جي اعتدال واري ورزش يا 75 منٽن جي زوردار ورزش ڪورونا وائرس کان صحت کي بچائڻ ۾ تمام گهڻي فائديمند آهي.صحت جا ماهر ڄاڻن ٿا ته باقاعده ورزش خطرناڪ انفيڪشن جي خلاف حفاظتي اثر رکي ٿي، ۽ باقاعده ورزش جا ڪيترائي صحت فائدا آهن، جن ۾ موهپا يا ٽائپ 2 ذیابيطس جي خطري کي گهٽائڻ شامل آهن.اڳوڻي تحقيق پڻ ڏيکاري ٿي ته ورزش هڪ شخص جي مدافعتي نظام کي مضبوط ڪري انفڪشن جي خطري ۽ شدت ٻنهي کي گهٽائي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو