باصلاحيت نوجوان ٽيم جي قيادت ڪرڻ لاءِ پرجوش آهيان: شاداب

دبئي (ويب ڊيسڪ)افغانستان خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاداب خان جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جي ڪپتاني ڪنهن به رانديگر لاءِ سڀ کان وڏو خواب هوندو آهي.شاداب خان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي هيڊ ڪوارٽر ۾ افغانستان خلاف سيريز لاءِ چونڊيل قومي رانديگرن سان گڏ پنهنجي تصوير شيئر ڪئي جنهن سان گڏ ڪيپشن به شامل آهي.شاداب خان لکيو ته قومي ٽيم جي ڪپتاني ڪنهن به رانديگر لاءِ سڀ کان وڏو خواب هوندو آهي، ان تي الله جو ڪيترو به شڪر گذار آهيان.قومي ٽيم جي ڪپتان لکيو ته هن باصلاحيت نوجوان ٽيم جي قيادت ڪرڻ تي پرجوش آهيان، ڪوشش ڪنداسين ته جارحاڻي ۽ مثبت ڪرڪيٽ کيڏنداسين.شاداب خان آخر ۾ لکيو ته نوجوانن کي سپورٽ ڪرڻ نه وساريو، اهي اسان جو مستقبل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو