اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت بار ايسوسيئيشنن ۽ بار ڪائونسلن پاران ڏنل هڙتالن جي سڏ کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔ وفاقي آئيني عدالت جي جسٽس عامر فاروق تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي۔عدالت پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ لکيو آهي ته اهڙيون هڙتالون سائلن جي انصاف تائين رسائي جي آئيني حق جي ڀڃڪڙي آهن۔ اهڙين هڙتالن سبب شهري قانوني نمائندگي کان محروم ٿين ٿا ۽ اڳ ئي دٻاءَ هيٺ آيل عدالتي نظام تي وڌيڪ بار پوي ٿو۔ جڏهن هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو آهي ته وڪيلن جون تنظيمون وڪيلن کي عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان روڪينديون آهن۔فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وڪيلن جي غيرحاضري سبب ڪيسن جي ٻڌڻي بنا ڪنهن اڳڀرائي جي ملتوي ڪئي ويندي آهي۔ اسان جو قانوني نظام اڳ ئي سخت دٻاءَ جو شڪار آهي، عدالتن ۾ ڪيسن جا ڊگها انبار موجود آهن ۽ سائلن کي پنهنجن ڪيسن جي فيصلي لاءِ سالن جا سال انتظار ڪرڻو پوي ٿو۔وفاقي آئيني عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته ڀلي وڪيلن جي هڙتال جو مقصد ڪيترو به نيڪ ڇو نه هجي، اها مسئلي جو حل ناهي۔ انصاف تائين رسائي کان ڪنهن به صورت ۾ محروم ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي۔ واضح رهي ته خيبرپختونخوا بار ڪائونسل هڪ وڪيل جي قتل واري ڪيس ۾ نامزد ايس ايڇ او جي قانوني نمائندگي ڪرڻ کان وڪيلن کي روڪي ڇڏيو هو۔ پوليس آفيسر جي قانوني نمائندگي ڪرڻ تي هڪ وڪيل جو لائسنس به معطل ڪيو ويو هو۔متاثر وڪيل لائسنس جي معطلي خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو، جنهن درخواستون منظور ڪندي لائسنس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو۔ آئيني عدالت پڻ وڪيل جو لائسنس بحال ڪرڻ بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو آهي۔










