اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير ۽ پ پ سينيٽر شيري رحمان بارکان واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بارکان واقعو سندن معاشري جي مجموعي شعور تي سواليا نشان آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته برکان واقعي ۾ ظالماڻي تشدد، قتل ۽ لاشن جي بي حرمتي سڀني جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي، اسان ڪهڙي صدي ۾ رهون ٿا جتي طاقتورن نجي جيل بڻايا آهن، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪري مڙهه کوهه ۾ اڇلائي ڇڏن ٿا.هن چيو ته پوسٽ مارٽم ۾ دل ڏکوئيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن جيڪي متاثرن ۽ سندن خاندان تي گذري آهي ان جو ڪير به ازالو نٿو ڪري سگهي، واقعي جي جلد کان جلد جاچ ڪرائي جوابدارن کي سزا ڏياري وڃي.










