بارکان واقعو: لاشَ رکي ڌرڻو، کيتران خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو

بارکان واقعو: لاشَ رکي ڌرڻو، کيتران خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان واقعي ۾ قتل ٿيل ضلعي ڪوهلو مان آندل عورت سميت ٽئي لاش ڪوئيٽا ۾ ريڊ زون ويجهو فياض سنبل چوڪ پهچايا ويا آهن ۽ مظاهرين لاشن سان گڏ چوڪ تي ڌرڻو هڻي ويٺا آهن. مظاهرين جو مطالبو آهي ته آهي ته بارکان ۾ قتل کانپوءِ کوهه ۾ اڇلايل ماڻهن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.ڌرڻي ۾ مقتولن جا وارث ۽ مٽ مائٽ ۽ مري اتحاد جا ماڻهو به شامل آهن، جن جو مطالبو آهي ته عورت ۽ ان جي ٻن ٻارن جي قتل جو ڪيس صوبائي وزير سردار عبدالرحمان کيتران خلاف داخل ڪيو وڃي، کيس گرفتار ڪيو وڃي ۽ متاثر خاندان سان انصاف ڪيو وڃي.احتجاج ڪندڙن جو اهو به مطالبو آهي ته خانگي جيل ۾ قيد ٻين پنج ٻارن کي بازياب ڪرايو وڃي، وزيراعظم ان واقعي جو نوٽيس وٺي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان پاڻ مرادو نوٽيس وٺي.

پهنجو تبصرو موڪليو