بارش سبب ٻئي ٽيسٽ ميچ برابر، رضوان بهترين رانديگرقرار

سائوٿهمپٽن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ ٻئي ٽيسٽ ميچ بارش سبب برابر ڊڪليئر ڪئي وئي. محمد رضوان کي بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. انگلينڊ 4 وڪيٽن تي 110 رنز ٺاهيون. زيڪ ڪرائولي 53 ۽ سبلي 32رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. جو روٽ ۽ جوز بٽلر ڪيريز تي موجود هئا. ميچ مسلسل بارش سبب روڪڻي پئي. ٽئين ڏينهن بارش ۽ گهٽ روشني سبب ميچ نه ٿي سگهي. ٻئي ڏينهن راند ختم ٿيڻ تائين پاڪستان 9 وڪيٽن تي 223 رنز ٺاهيون هيون، جنهن ۾ وڪٽ ڪيپر رضوان جي نصف سينچري به شامل هئي.

پهرين ٽيسٽ جيان ٻئي ٽيسٽ ۾ به پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو. 96 سيڪڙو امڪان آهي ته هي ٽيسٽ ميچ ڊرا ٿي ويندي. شان مسعود ۽ عابد علي اننگ اوپن ڪئي پر شان هڪ رن ٺاهي اينڊرسن جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو، عابد علي 60 رنز ٺاهي سيم ڪيورن جي بال تي متبادل رانديگر هٿان ڪيچ ٿيو. ڪپتان اظهر علي هن ميچ ۾ به ٻوٽو نه ٻاريو 85 بالن تي 20 رنز اسڪور ڪري اينڊرسن جي بال تي متبادل هٿان ڪيچ ٿيو. بابر اعظم 47 رنز ۽ اسد شفيق 5 رنز ٺاهي سگهيا. ٻئي براد جي بالن تي متبادل هٿان ڪيچ ٿيا. فواد عالم ڪرس ووڪس جي بال تي بنا رن ٺاهي ايل بي ڊبليو ٿيو. ياسر شاهه اينڊرسن جي بال تي متبادل هٿان ڪيچ ٿيو ۽ شاهين آفريدي بنا رن ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، محمد عباس براڊ جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، محمد رضوان 60 ۽ نسيم شاهه هڪ رن ٺاهي ڪيريز تي موجود آهن. ٽئين ڏينهن بارش سبب ميچ نه ٿي. چوٿينڏينهن ميچ شروع ٿي ته محمد رضوان تيز اسڪور جي چڪر ۾ براڊ جي بال تي ڪيچ ٿيو ۽ هن 72 رنز جي اننگ کيڏي. پاڪستان پهرين اننگ ۾ به وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ 236 تي آل آئوٽ ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو