راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب گذريل ڏينهن باجوڙ جي علائقي لوئي سم ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا جن وٽان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪيترن ئي ڪاررواين، ڀتا خوري ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث هئا.آءِ ايس پي آر موجب علائقي جي مقامي ماڻهن آپريشن کي ساراهيندي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڪيورٽي فورسز سان ڀرپور سهڪار جو اظهار ڪيو آهي.










