ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻئي ٽيسٽ مئچ بابر اعظم ،محمد رضوان * عبدالله شفيق جي شاندار بيٽنگ سبب ڊرا ٿي وئي آهي. آسٽريليا جي 506 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ پاڪستان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 443 رنسون ٺاهيون. ٽن ميچن جي سيريز اڃا 0-0 سان برابر آهي. راند جي پنجين ڏينهن پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 314 رنسون گهربل هيون جڏهن ته آسٽريليا کي 8 وڪيٽون گهربل هيون. ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان ۽ عبدالله شفيق شاندار بيٽنگ ڪندي ميچ بچائي ورتي، بيٽنگ جي بادشاهه بابر 196 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، نائب ڪپتان رضوان جي سينچري اننگز به ٽيسٽ ڊرا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، عبدالله شفيق ميچ ۾ چار سيشن بيٽنگ ڪندي 96 رنسون ٺاهيون. بابر اعظم کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٽيسٽ جي پنجين ڏينهن پاڪستان پنهنجي ٻي نامڪمل اننگز 192 رنسون 2 وڪيٽن تان شروع ڪئي، بابر اعظم 102 ۽ عبدالله شفيق 71 رنسون ٺاهي بيٽنگ ڪري رهيا هئا. ٻنهي رانديگرن محتاط انداز ۾ پنهنجي ٽيم جي اسڪور کي اڳتي وڌايو پر عبدالله شفيق 96 رنسون ٺاهي نروس نائنٽيز جو شڪار ٿي ويو ۽ پيٽ ڪمنز جي بال تي سلپ ۾ ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. جڏهن ته فواد عالم صرف 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ان کانپوءِ محمد رضوان ۽ بابر اعظم شاندار پارٽنرشپ قائم ڪئي. ٻنهي رانديگرن 115 رنسن جي پارٽنرشپ ڪئي. ان موقعي تي بابر اعظم ڊبل سينچري جي ويجهو پهتو پر 196 تي ناٿن ليون جو شڪار ٿي ويو. ان کانپوءِ فهيم اشرف بنا ڪنهن رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ ساجد خان 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. نعمان علي صفر ۽ محمد رضوان 104 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا ۽ ميچ ڊرا ٿي ويو.










