ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ بابر غوري جي گرفتاري جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. پوليس ذريعن موجب ايم ڪيو ايم اڳواڻ بابر غوري کي باضابطا طور تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، کيس رياست خلاف ڏوهن جي ڪارروائي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب بابر غوري خلاف ايف آءِ آر 2015ع ۾ ملڪ بدر ٿيڻ واري ڏينهن جي آهي ۽ ايف آءِ آر نمبر 354 سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس اسٽيشن ۾ داخل آهي، جڏهن ته ڪيس 120 AB/121/122/505/123 داخل آهي. ٽيليگراف ايڪٽ ۽ 6/7 ATA. پوليس ذريعن موجب ڪيس ۾ باني ايم ڪيو ايم ۽ فاروق ستار سميت 29 ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس بابر غوري کي اڄ رمانڊ لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي پرزائيڊنگ جج آڏو پيش ڪندي.










