لاهور (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي اننگز کي ساراهيندي چيو آهي ته هو اسانجي کٽيل ميچ کسي ويو. هن چيو ته ڪراچي ٽيسٽ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي تمام گهڻو ڪريڊٽ وڃي ٿو ۽ خاص طور تي بابر اعظم شاندار اننگز کيڏي ۽ اسان کي کٽڻ نه ڏنو جڏهن ته ڪراچي ٽيسٽ جي پنجين ڏينهن آسٽريليا کي ڪيترائي موقعا مليا پر انهن مان فائدو نه کڻي سگهياسين، ڪافي ڀيرا ڪيچ ڊراپ ٿيا.










