بابا جي دل جون 3 نسون بند آهن، کيس اسپتال ۾ رکو،آصفه

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته بابا جي طبيعت خراب آهي سندس دل جون 3 شريانيون بند آهن، کيس ڊاڪٽرن جي مشوري جي ابتڙ حڪومت زبردستي اسپتل مان اڊياله جيل منتقل ڪيو آهي. هن چيو ته آصف زرداري کي جيل بدران اسپتال ۽ ڊاڪٽرز جي نگراني ۾ هجڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن بي بي سي اردوس روس جي هديٰ اڪرام کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو آهي. آصفه ڀٽو پنهنجي ڀاءُ ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان گڏ سياسي سرگرميون شروع ڪرڻ جو واضح اشارو ڏيندي چيو آهي ته سياسي رستي سان ئي هوءَ عوام لاءِ آواز اٿاري سگهي ٿي. انٽرويو ۾ آصفه ڀٽو چيو ته سياست ۾ اچڻ سندس مجبوري ناهي، پر سندس ڪوششن جي پورائي جو وسيلو ۽ رستو ضرور آهي، جنهن ذريعي هو عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاري سگهي ٿي. هن چيو ته منهنجي ناني (شهيد ذوالفقار ڀٽو) ۽ والده شهيد بينظير ڀٽو به عوامي حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ لاءِ سياسي رستي کي ترجيح ڏني ۽ هاڻي ڀاءُ به ناني ۽ والده جي سوچ کي اڳتي وٺي وڃي رهيو آهي. بلاول سڄي پاڪستان لاءِ ڳالهائيندو آهي ۽ آئون به ساڻس گڏ عوام جو آواز بڻبس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سندس نظر ۾ موجوده حڪومت جي قدمن کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن سياسي پنڊت جي ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ جو ملڪي حالتون اُن کي بهتر نموني بيان ڪري رهيون آهن. عمران خان ۽ پرويز مشرف جي حڪومتن ۾ گهڻي ڀاڱي هڪجهڙائي آهي، عمران خان جي ڪابينا اُها آهي، جيڪا پرويز مشرف جي هئي. اظهار جي آزادي تي راتاهو ۽ انساني حقن جي پائمالي، اهو سڀ ڪجهه عمران خان جي حڪومت ۾ به ٿي رهيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ آصفه ڀٽو چيو ته جڏهن هو والد آصف زرداري سان ملڻ لاءِ اسپتال پهتي ته اُن وقت سندس هٿ ۾ عدالتي حڪم موجود هو، پر جڏهن اسپتال پهتي ته انتظاميا در بند ڪري ڇڏيا، هوءَ ڪنهن طريقي سان اسپتال ۾ داخل ٿي وئي ۽ والد جون طبي ٽيسٽس پوريون ٿيڻ جو انتظار ڪري رهي هئي.

جڏهن کيس (آصف زرداري) کي واپس آندو پئي ويو ته اٽڪل 30 اهلڪارن سندس گهيرو ڪري ورتو، عورت اهلڪارن اسان سان بدتميزي ڪئي ۽ مرد اهلڪارن وري ڌِڪا ڏنا. هُن چيو ته هوءَ ڪنهن طريقي سان اڳتي نڪري وئي ۽ والد جو هٿ پڪڙيو، کيس ڪمري تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر عورت اهلڪار پوئتي ڌڪا ڏئي رهيون هيون. بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ آصفه ڀٽو چيو ته ڊاڪٽرز کيس ٻڌايو ته اُهي آصف زرداري جي صحت لاءِ پريشان آهن، ڇاڪاڻ جو سندس 3 شريانيون (نسون) بند آهن. هو نه رڳو شگر جو مريض آهي، پر ڪيترائي سال جيل ڪاٽڻ کانپوءِ کيس چيلهه ۽ اسپائين جي مسئلن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته آصف زرداري کي وڌيڪ صحيح علاج ۽ ٽيسٽ جي ضرورت آهي. آصفه ڀٽو ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ڊاڪٽرز تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ سندن اجازت کانسواءِ آصف زرداري کي واپس جيل موڪليو ويو آهي. هوءَ والد جي علاج مان بلڪل مطمئن نه آهي، کيس اسپتال ۽ ڊاڪٽرز جي نگرانيءَ ۾ هجڻ گهرجي ها، جيستائين ڊاڪٽرز اهو نه چون ته سندس والد هاڻي ٺيڪ آهي ۽ جيل واپس وڃي سگهي ٿو، تيسين کيس اسپتال ۾ رکيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو