بابا اسڪول ڇڏائي سيڪس تي لڳايو، حنا جي خوفناڪ ڪهاڻي

نئين دلي(ويب ڊيسڪ) حنا جو تعلق ڀارتي رياست مڌيه پرديش جي هڪ ڏورانهين علائقي سان آهي ۽ جڏهن هوءَ پيد ٿي ته گهر ۾ جشن ملهايو ويو. هونئن ته ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرن جي ڄمڻ تي خوشي ملهائي ويندي آهي پر بڇارا برادري جو صدين کان اهو ڪاروبار آهي ته 10 کان 12 سالن جي عمر وارين ڇوڪرين کي جسم فروشي تي لڳايو ويندو آهي ۽ انهن جي ڪمائي تي مردن جو گذارو هوندو آهي. حنا بي بي سي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته بابا 12 سالن جي عمر ۾ اسڪول ڇڏائي سيڪس جي ڌمڌي ۾ لڳايو.  ڳوٺ جا امير ماڻهو، علائقي جا مالدار ۽ ٽرڪ ڊرائيور به سندس گراهڪ هئا.

Photo courtesy BBC

ڪجهه سالن بعد کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي ته هي ڪهڙي زندگي آهي. مان ڪري به ڇا پئي سگهيس ڇو ته اهو سڀ ڪجهه اسنجي برادري جو سالن کان ڌنڌو آهي پنهنجي ناني ۽ امڙ به اهو ئي ڪجهه ڪيو ته مان ڇا ڪريان. اسانجي برادري ۾ وڏي ڇوڪري کي ڌنڌي تي لڳائڻ بعد جڏهن ننڍي ڀيڻ تيار ٿيندي آهي ته اها وري سندس جاءِ والاريندي آهي. اسانجا ڀائر ۽ والدين دلالي ڪندا آهن، مقامي غير سرڪاري تنظيم جي اڳواڻ آڪاش چوهاڻ موجب هن ڌنڌي ۾ ڌڪجي ويندڙ هر ٽن ڇوڪرين مان هڪ نا بالغ هوندي آهي.بڇارا قبيلو اڳ ۾ خانه بدوش هو هاڻي مڌيه پرديش جي ٽن ضلعن ۾ آباد آهي. حنا موجب ڏينهن ۾ چار پنج ماڻهو سندس گهر سيڪس ڪرڻ ايندا هئا رات جو بڪنگ تي ڪنهن هوٽل يا گهر تي ويندي هئي. هن چيو ته ڪنواري ڇوڪري جي والدين کي 5000 ملندا آهن بعد ۾ ريٽ به گهٽ ٿيندو ويندو آهي. آڪاش چوهاڻ جو چون آهي ته تازو مڌيه پرديش حڪومت قانون ٺاهيو آهي ته 12 سال يا ان کان گهت عمر واري ڇوڪري سان سيڪس ريپ تصور ڪيو ويندو. قانون ته آهي پر اصل مسئلو خاندان جي پنهنجي رضا مندي جو آهي ۽ هو شڪايت ئي ناهن ڪندا. (بي بي سي جي ٿورن سان)

پهنجو تبصرو موڪليو