بااثر زمين تي قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا؛ ڳوٺاڻا

بااثر زمين تي قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا؛ ڳوٺاڻا

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) ڳوٺ ڪانڊيرو سولنگي جي رهواسي عورتن ۽ مردن پاران مٿي تي پاڪ ڪتاب کڻي مقامي وڏيري پاران زمينن تي قبضا ڪرڻ، فائرنگ ڪري ڳوٺ خالي ڪرائڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ وڏيري خلاف نعره هنيا. ان موقعي تي ڳوٺاڻن غلام مصطفي سولنگي، زليخان، مسمات شهناز، عبدالقيوم سولنگي ۽ ٻين ٻڌايو ته علائقي جو زميندار امام علي ڀرٽ، فياض ڀرٽ ۽ رفيق ڀرٽ زمينن تي قبضا ڪرڻ لاءِ عذاب بڻجي ويا آهن. وڏيري جي ڇاڙتن اسماعيل، محبوب ۽ خوبن ڀرٽ جيڪي مختلف ڏوهن ۾ سرگرم آهن انهن گذريل رات به ڳوٺاڻن تي فائرنگ ڪئي جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. هنن چيو ته وڏيري پاران ديهه ڀورٽي ۾ 35 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي ۽ ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ روزانو فائرنگ ڪئي وڃي ٿي جنهن ڪري خوف وچان ڳوٺ مان 100 گهر خالي ٿي ويا آهن ۽ ڳوٺ ويران بڻجي ويو آهي. هنن چيو ته وڏيري سان مٺياڻي پوليس به ٻٽ بڻيل آهي جنهن ڪري سندن ڪوبه داد فرياد وٺڻ وارو ناهي. هنن چيو ته کين وڏيري جي ظلم کان بچايو وڃي وڏيري ۽ سندس ڇاڙتن خلاف ڪيس داخل ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل زميندار ڀرٽ صحافين کي ٻڌايو ته  ڪجهه مهينا اڳ اشفاق ڀرٽ ۽ وسيما سولنگي پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن ڪري سولنگي برادري جي ڪجهه ماڻهن ناري کي واپس ڪرڻ لاءِ مون مٿان دٻاءُ وڌو هو مان ٻنهي ڌرين کي وچ ۾ پوڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو هو جنهن بعد مون مٿان ڪوڙا الزام هنيا پيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو