زرعي زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

زرعي زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ۔غالب بلوچ)ڳوٽ نواب خان سنجراڻي جي رھواسي غلام نبي سبزوئي ۽ غلام رباني سبزوئي پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ پھچي زرعي زمين تي قبضي ڪندڙ خلاف احتجاج ڪندي چيو تھ اسان 2002 ۾   چار جريب ڪجھ ويسووا محمد نواز کان خريد ڪئي جنھن کان بعد اسان اھا زمين 2013 ۾ وڪرو ڪري اربيلو خان بنگوار کي ڏني سين ۽ 2018 ۾ ھڪ قبضا خور  شاھ ڏنو بنگوار ظاھر ٿيو ۽ اسان جي زمين تي ھٿيارن جي زور تي قبضو ڪيو اھڙي دانھن اسين ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌ ڪوٽ کي بھ ڪيترائي ڀيرا ڏني پر ڪوبھ تدارڪ نٿي سگھيو آھي جڏھن قبضا خور خلاف اسان انڪوائري بھ رکرائي جنھن تپيدارن سميت مختيارڪار تائين رشوت ڏئي انڪوائري رد ڪرائي .ھنن چيو ته اسين مسڪين آھيون اسان جي دانھن ڪير بھ ٻڌڻ وارو نھ آھي اسين ھن ظالم قبضا خور خلاف ايس ايس پي آفيس وياسين پر اسان کي ملڻ نھ ڏنو ويو اسين وزير اعلي سنڌ سميت ٻين وس وارن کان مطاڪبو ٿا ڪريون تھ اسانجي دانھن جي داد رسي ڪري اسان کي انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان پاڻ کي باھ ڏيئي زندگي جو انت تي مجبور ٿينداسون۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو