بااثرن جي ناجائزين خلاف غريب ڳوٺاڻي جواحتجاج

نوشھرو فيروز(  رپورٽ  اسد علي عمراڻي) نوشھرو فيروز  پڊعيدن لڳ ڳوٺ جان محمد خيريجو راڄپر جي رهواسي محمد اسماعيل راڄپر جو ڳوٺ جي بااثر ماڻھن جي ناجائزين ۽ زمين تي قبضي خلاف نيشنل پريس ڪلب پڊعيدن اڳيان احتجاجي مظاهرو اcن موقعي تي محمد اسماعيل راڄپر چيو ته اسان جو ۽ اسان جي سوٽن جو پاڻ ۾ زمين تان مسئلو هلي پيٿو جيڪو ڪيس ڪورٽ سڳوري نوشھروفيروز ۾ هلي پيٿو ان باوجود اسان جا مائٽ امداد راڄپر عارف محمد جڙيل غلام رسول مير محمد راڄپر اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آھن ڪوڙٽ سڳوري مان ڪيس اسان کٽڻ تي آھيون هاڻ  اسان کي زوري ڌمڪائي ڪيس تان هٿ کئڻ جي لاء چئي رهيا آھن اسان کي زمين آباد به ڪرڻ نٿا ڏين رهندو پڊعيدن ٿاڻي تي اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي  ڇڏيو اٿن اسان غريب مسڪين آھيون اسان آء جي سنڌ ڊي آء جي شھيد بينظير آباد ايس ايس پي نوشھروفيروز ڊي ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته قرآن پاڪ تي انقوائري ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ مٿين بااثرن جي ناجائزين خلاف ڪانوني ڪاروائي ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو